بريڪنگ نيوزسنڌ

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ مالڪاڻا حقوق جون سندون ورهائڻ واري تقريب

قمبر (ھ آ) ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي  ٻوڏ متاثر 500 خاندانن کي مالڪاڻا حقوق جا سند واري تقريب قمبر جي نجي شادي ھال ۾ صوبائي وزير جنگلات نواب تيمور ٽالپر جي صدارت هيٺ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ حڪومت سنڌ پاران (SPHF) ڳوٺ آباد اسڪيم تحت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ 137127 گھر تعمير ڪرڻ واري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ تعلقي شهدادڪوٽ لاءِ 17335،تعلقي قمبر ۾ 30036، تعلقا ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو 20456، تعلقا قبو سعيد خان 19956، تعلقا نصير آباد 11579 ۽ وارھ تعلقي ۾ 27764 گھر تعمير ڪيا ويندا. جڏهن ته پھرين فيز ۾ 500 خاندانن کي مالڪاڻا حقوق جا سند ڏنا ويا ان کان علاوه 950 گھر زير تعمير آھن. صوبائي وزير جنگلات نواب تيمور خان ٽالپر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ھڪ نعرو ھنيو ھيو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ وزير خارجه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي ھدايتن تي ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ھن پروگرام ۾ 500 خاندانن ۾ مالڪاڻا حقوق جا سند ورھايا ويا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته عمران خان گھر ۽ نوڪرين ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪيا. ان موقعي تي ڪمنشنر لاڙڪاڻو گھنور خان لغاري چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خصوصي ھدايت تي مالڪاڻا حقوق ترجيحي بنيادن تي ڏئي رھيا آھيون ۽ مالڪاڻا حقوق ذريعي متاثر عورتون قرض به وٺي سگھن ٿيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ضلع قمبر شهدادڪوٽ سليم الله اوڍو خطاب ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ روٽي، ڪپڙا اور مڪان جي ويزن تحت اڄ ذاتي گھر جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ صوبي جي متاثر عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي. ان موقعي تي ھڪ متاثر عورت  گھر ۽ امداد ملڻ تي آبديده ٿي بلاول ڀٽو زرداري ۽ حڪومت سنڌ سان اظھار تشڪر. تقريب کي MPA سنڌ اسيمبلي نواب غيبي سردار خان چانڊيو به خطاب ڪيو. ان موقعي ته چيئرمين ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ حاجي قمر الدين گوپانگ، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي قمبر نوابزادھ ريحان خان چانڊيو. ايس ايس پي قمبر توحيد الرحمان ميمڻ،SRSO, مختلف سرڪاري ادارن جا سربراھ ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button