بريڪنگ نيوزسنڌ

ملير ۾ پورهيت جون ٻه نياڻيون ڪپڙا ڌوئڻ دوران ندي ۾ ٻڏي فوت

ملير ( رپورٽ: شهزادو مستوئي (ملير جي هاشم خاصخيلي ڳوٺ لڳ ٿڌو ندي لڳ پورهيت جون ٻه نياڻيون ندي ياسمين ۽ عقيله پڪڙا ڌوئڻ لاءِ پهتون جتي 7 ورهين جي عقيله راند ڪندي اوچتو پير ترڪڻ سبب ٿڌو ندي ۾ ڪري پئي ، وڏي ڀيڻ 13ورهين جي ياسمين ڀيڻ کي بچائڻ لاء ندي ۾ ٽپو ڏنو ٻئي ڀينرون ٿڌو ندي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون خبر نياڻين جي ٻڏڻ جي خبر پوڻ تي ڳوٺاڻا وڏي تعداد ۾ ندي وٽ پهچي ويا مقامي ٽوٻن نياڻين جي ڳولا ڪئي ٻنهي نياڻين جي مڙھ ندي کان ٻاهر ڪڍي بقائي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان گهر منتقل ڪيا ويا ٻنهي نياڻين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب نياڻيون ندي جي ڪپ تي ڪپڙا دوئڻ پهتيون جتي واقعو پيش آيو آھي جيڪڏهن ضلعي انتظاميا سهولتون فراهم ڪري هان انساني زندگيون ضايع نه ٿين ها.0

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button