بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران منشيات ۽ هٿيار رکڻ جا الڳ الڳ ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ٽرائل  ڪورٽ ميرپورخاص جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت  منشيات جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار عورتن بيگم عرف ببلي کي 22 سال قيد ۽ هڪ لک 15 هزار روپيا ڏنڊ جڏهن ته نازيا مري کي منشيات جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ساڍا 3 سال قيد ۽ 65 هزار روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي سزا جو حُڪم ٻڌايو آهي جوابدار عورتن وٽان آئيس، آفيم هٿ اچڻ تي سندن خلاف وومين ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته ساڳي عدالت غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدارن شاهنواز انڙ کي 10 سال قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي سزا جو حُڪم ٻڌايو آهي جوابدار خلاف ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي تي غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عورت جوابدارن کي سزا جي حُڪم بعد پوليس جي پهري ۾ حيدرآباد جي عورتن واري جيل جڏهن ته هڪ جوابدارکي سينٽر جيل ميرپورخاص نيو ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button