بريڪنگ نيوزسنڌ

مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جو اڳواڻو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوٽڙي (علي مڱريو) ملڪ جو مشهور اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ المعروف اي آر ميمڻ 82 سالن جي عمر ۾ ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پاڻ 23 فيبروري 1941ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر پڻ رهيو، پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪس سائنسدان طور ڪئي. پاڻ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي اليڪٽرڪ شعبي جو بهترين استاد پڻ ليکيو ويندو هو. ڊاڪٽر عبدالرحمن ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جي ترقي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو، هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ تعليمي سڌارا آندا ۽ داخلا ٽيسٽ متعارف ڪرائي. ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ڪيتري عرصي کان ڪئنيڊا ۾ رهائش پذير هو جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻئي طرف شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽس ڊزائين اينڊ هپرٽيچز ڄامشورو سيبس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارا بيلا ڀٽو، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، چئني فئڪلٽيز جي ڊينز، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر نصر الله پيرزادو، جنرل اسيڪريٽري انجنيئر حافظ ارشد ميمڻ پاران ڊاڪٽر عبدالرحمن جي اوچتي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button