بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو باگو ڀرسان پاڻيءَ جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوباگو( يوسفڀ ملاح ) ڏيءي  ڀرسان يوسي بھادر چانڊيو جي ديھ ٻيلھاڙو ۾ ڳوٺ حسين پنهور ۾ پاڻي جي واري تان چانڊيا ۽ پنھور برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. جهيڙي ۾ فائرنگ جي نتيجي پنھور برادري جا ٽي ڄڻا علي محمد عرف علڻ پنھور، الھبچايو پنھور ۽ ظهير پنھور سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو آهي. جهيڙي جو اصل ڪارڻ چار ايڪڙ زمين تي هلندڙ پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته جهيڙي کان پوءِ پنھور برادري جي ماڻهن جي وڏي تعداد جن ۾ عورتن جو وڏو تعداد شامل آهي انهن قرآن شريف کڻي ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي نوتڪاڻي موڙ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button