بريڪنگ نيوزقومي

نگران وفاقي ڪابينه فائنل، اڄ حلف کڻندي، ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي ۽ جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي کاتي جا قلمدان ملڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ)  نگران وفاقي ڪابينه فائنل ٿي وئي. فائنل ٿيل وفاقي ڪابينه اڄ حلف کڻندي، ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي ۽ جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي کاتي جا قلمدان ملڻ جو امڪان آهي.  ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا جي لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، نگران ڪابينه لاءِ تقريبن نالا فائنل ڪيا آهن، ڪابينا ميمبرن کي اڄ حلف کڻائڻ جو امڪان آهي. سيد محمد علي شاهه جيڪو دفاعي تجزيه ڪار آهي کيس سنڌ سماءَ واري وزارت ملڻ جو امڪان آهي، نگران ڪابينه ۾ پرڏيهي وزارت جي ذميواري اڳوڻي سفارتڪار جليل عباس جيلاني کي ملڻ جو امڪان آهي، جيڪو آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهي چڪو آهي. نگران ڪابينا ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزير طور نامزد ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ناڻي واري وزير سلطان علي الانا جو نالو فائنل ڪيو ويو هو، پر ٻٽي شهريت هجڻ سبب سندس نالو خارج ڪيو ويو. گوهر اعجاز کي صنعت ۽ تجارت ۽ تابش گوهر کي توانائي واري وزارت ملڻ جا  امڪان، نگران ڪابينه ۾ شامل سمورا ماڻهو انتهائي قابل ۽ غير جانبدار آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينه ۾ شامل سمورن ماڻهن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪو تعلق نه آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button