بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو سول اسپتال ۾ شاگردياڻي سان 3 سالن کان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل، عملي ۾ ٿرٿلو

دادو (رپورٽ: علي گل چنا)دادو سول اسپتال ۾ شاگردياڻي کي 3 سالن کان جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻائڻ جو انڪشاف، قتل جون ڌمڪيون، چيٽنگ سوشل ميڊيا تي وائرل بعد دادو سول اسپتال جي انتظاميه توڙي نرسنگ سينٽر جي عملي ۾ ٿرٿلو متل، دادو سول اسپتال ۾ قائم نرسنگ سينٽر تي او ٽي ٽيڪنيشن ۽ پيرا ميڊيڪل جي ڪلاس وٺندڙ استاد منصور ڀٽي جو نمبر جنهن ۾ نامعلوم ڇوڪري کي ڳالهھ ٻاهر ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکڻ تي ذهني طور حراسان ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ نامعلوم ڇوڪري سندس کي منٿون ڪري شڪايت نه ڪرڻ جون منٿون ڪري رهي آهي، اهڙي ميسيج چيٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سول اسپتال جي سول سرجن پاران معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد فوڪل پرسن ڊاڪٽر امجد مستوئي ۽ ڊاڪٽر احسان پنهور کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو ٻئي ڊاڪٽر نرسنگ سينٽر تي پهچي نرسنگ سينٽر جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کان بيان ورتا ۽ 2 ڪلاڪن اندر رپورٽ پڻ سول سرجن وٽ جمع ڪرائي دادو ايس ايس پي کي نرسنگ سينٽر جي او ٽي منصور ڀٽي خلاف پوسٽ رکڻ وارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو ليٽر لکي ڇڏيو، فوڪل پرسن ڊاڪٽر امجد مستوئي، ڊاڪٽر احسان پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان انڪوائري ڪئي آھي استاد منصور ڀٽي خلاف ھلندڙ سوشل ميڊيا تي خبرن ۾ڪا به صداقت نه آھي اسان سول اسپتال جي سول سرجن جي حڪمن تي انڪوائري ڪئي ۽ ھڪ ھڪ شاگردياڻي کان لکت ۾ بيان ورتا ويا بيان مان ثابت ٿيو ته استاد ماءُ پيءُ جي برابر آھي جيڪي به الزام آھن اھي بي بنياد آھن، ٻي طرف دادو سول اسپتال ۾ نرسنگ سينٽر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي استاد منصور ڀٽي جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي عائشه، ماريه سولنگي، دعا، مريم شيخ، فهد ميمڻ، سنيل ڪمار، حسين، علي رضا ۽ ٻين چيو ته سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلر ٽولو پيرا ميڊيڪل اسڪول جي استاد منصور ڀٽي خلاف نازيبا ٻولي جو استعمال ڪري موبائل فون تي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪيون ٿا استاد خلاف نازيبا ٻولي جو استعمال ڪندڙ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بليڪ ميلر ٽولي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، بليڪ ميلر ٽولي خلاف ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، بنا جواز ڪوڙيو فيس بڪ آءِ ڊي ٺاهي ان تي استاد منصور ڀٽي جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي استاد منصور ڀٽي سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته شهرين ۽ سماجي اڳواڻ قائم سيال، ڊاڪٽر جبار ٻٻر، شير ميمڻ، ارسلان پنهور ۽ ٻين چيو ته معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي دادو سول اسپتال ۾ اندر وڏو ظلم آهي نياڻي جي چيٽ صاف ظاهر آهي ته نرسنگ سينٽر تي ڪهر آهي، نياڻي جي چيٽ بعد جاچ ٿئي ۽ وري اتان جي شاگردياڻين ۽ شاگردن احتجاج ڪيو، الزام هيٺ آيل استاد منصور ڀٽي جو نمبر بند وڃي پيو جيڪا ڳالھه سمجھه کان ٻاهر آهي معاملي جي اعليٰ سطح تي ڪراچي جي اعليٰ سطح جي ايماندار ڊاڪٽر کان جاچ ٿئي ۽ پوليس الڳ معاملي جي جاچ ڪري حقيقت دادو واسين آڏو آندي وڃي، هي هڪ نياڻي نه پر سنڌ جي نياڻي جو مسئلو آهي سڀاڻي ٻئي ڪا نياڻي سنگين قدم نه کڻي ان لاءِ اعليٰ سطح جي جاچ ڪري الزام هيٺ آيل منصور ڀٽي کي سينٽر مان هٽائي ليڊيز عملو مقرر ڪيو وڃي، هنن آءِ جي سنڌ، سيڪريٽري صحت، دادو سيشن جج ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جي جاچ ڪري ملوث عملي خلاف سخت کان سخت قدم کنيا وڃن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button