بريڪنگ نيوزقومي

جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن سان مطمئن آهيان،مغل بادشاهه وانگر ڪو فرمان جاري نٿو ڪري سگهان:نگران وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن سان تمام گهڻو مطمئن آهي، اليڪشن ڪميشن وڏي حد تائين پنهنجي مشق مڪمل ڪري ورتي آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان ۾ اسان کي ٻن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ چيلينج سيڪيورٽي ۽ ٻيو گورننس آهي، جڏهن گورننس جي ڳالهه ڪريون ٿا ته صوبي جو چوڻ آهي ته وسيلا محدود آهن، ٻئي طرف صوبو چوي ٿو وسيلا گهٽ هجڻ هڪ پهلو آهي، وسيلن جي بدانتظامي هڪ وڏو مسئلو آهي هن چيو ته چوري الڳ ٿي رهي آهي ۽ مالي بدانتظامي به ٿي رهي آهي، انهن ٻنهي پاسن تي ڌيان ڏنو ويندو ته  گورننس جو مسئلو حل ٿي ويندو صحافي نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ته اوهان اهڙن ملڪن جو ذڪر ڪيو جتي آئين ناهي، ڇا آئين سان اختلاف آهي؟ ان تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آئين سان بلڪل ڪو به اختلاف ناهي، آئين جي تاريخ تي دنيا ۾ علمي بحث هلي رهيو آهي اليڪشن بابت صحافي سوال ڪيو ته چونڊون جنوري ۾ ٿي رهيون آهن؟ ان تي نگران وزيراعظم چيو ته مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، اليڪشن ڪميشن پنهنجي مشق وڏي حد تائين مڪمل ڪري ورتي آهي، اليڪشن ڪميشن جي مشقن ۾ تڪ بنديون ۽ لاڳاپيل معاملا شامل آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مليل رقم تي به انهن جي تياري مڪمل آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت سان مالي گهرجن لاءِ ڳالهيون جاري آهن، ٻي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عمران خان جي قيد يا آزادي جي حوالي سان مان مغل بادشاهه جيان ڪو فرمان جاري نٿو ڪري سگهان. هڪ انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان هڪ ترقي پذير جمهوريت آهي، جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقي ڪار جي پنهنجي اهميت آهي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت ماضي ۾ به ماڻهو سوال اٿاريندا رهيا آهن ۽ اڄ به اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو عدالتي پراسيس جي نتيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي نتيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي ٿي ته هو ڀلي حصو وٺي پر جيڪڏهن نه ته مان ڪيئن اها پابندي ختم ڪري سگهان ٿو؟ سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جون تياريون مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن، جيڪي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ن ليگ جي نواز شريف لاءِ نرمي رکڻ بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته مان اهو تاثر مڪمل طور رد ڪيان ٿو، نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ مريم نواز سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ ان معاملي ۾ غلط بياني نه ڪندس، عهدو سنڀالڻ کان اڳ بلاول، فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ 9 مئي واقعن کان اڳ عمران خان سان به ملاقات ٿي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هڪ نگران حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ڇو هوندي؟ نواز شريف جڏهن عدالتي فيصلي تي ٻاهر ويو ته ان وقت نه نگران سيٽ ۽ نه پي ڊي ايم جي حڪومت هئي پر ان وقت عمران خان جي حڪومت هئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button