بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ڀرسان ڪراچي ويندڙ ٽرين مان نوجوان ڪري فوت

گهوٽڪي(ڊ ر / ڪرائيم رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان سرحد ويجهو ملتان کان ڪراچي ويندڙ هزاره ايڪسپريس مان نوجوان ڪري فوت ٿي ويو،  پوليس مڙھ کڻائي تعلقه اسپتال گهوٽڪي پهچايو، واقعي جي تصديق ڪندي سرحد پوليس جو چوڻ آهي ته بکو مهر ڳوٺ ڀرسان هي حادثو پيش آيو آهي، جتي نوجوان ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو آهي، پوليس موجب فوتي نوجوان جي کيسي مان هٿ آيل سڃاڻپ ڪارڊ مطابق هن جو نالو محمد فياض پٽ عبدالرزاق آهي، جيڪو اصل ملتان ۽ هاڻوڪو پتو ڪراچي جو آهي، پوليس مطابق ته 35 سالن جي نوجوان جو مڙھ تعلقه اسپتال گهوٽڪي پهچايو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button