بريڪنگ نيوزسنڌ

والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال مڪمل، ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون، مظاهرا، ڌرڻا

حيدرآباد (نمائندن وٽان)  والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، 27 آڪٽوبر 1947 تي ڀارتي فوج بنا ڪنهن آئيني ۽ اخلاقي جواز جي ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، ڀارت جي ورهاڱي وقت ڪشمير جي قيادت پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو هو، والاريل ڪشمير ۾ 10 لک ڀارتي فوجي 76 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت ڪري رهيا آهن. 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي رياست واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي، ڀارتي فوج جي ڪارروائين دوران هيل تائين اڍائي لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا، هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي ويا. گڏيل قومن پاران ڪشميرين کي فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ بابت 5 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، ڀارت پاران عالمي اداري جي ڪنهن به ٺهراءَ تي عمل نه ڪيو ويو سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.  ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد،  ملير، خيرپور، ٽنڊو الهيار، ڪنب، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، خانپور مهر، ٽنڊو آدم، ٽنڊو باگو، ڄام نواز علي، بدين، پنوعاقل،  ٺٽو، جروار، دريا خان مري، نوشهروفيروز، سڪرنڊ، ٺل، سامارو، ميرپورماٿيلو، ڳڙهي ياسين، روهڙي، شهدادپور، ميرپور بٺورو، ماتلي سميت سنڌ جي  ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، ميڙاڪا ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button