بريڪنگ نيوزقومي

موجوده وسيلا ڪتب آڻيندي اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي: نگران گهرو وزير

ڪراچي (بيورو) نگران گهرو، جيل کاتن جي وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده وسيلا ڪتب آڻيندي اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي ۽ شهر جي وڏن روڊن تي ٽريفڪ جام کي روڪڻ لاءِ منظم طريقي سان ڪارروائي ڪئي وڃي، هن هدايت ڪئي ته منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن مان منشيات جي لعنت جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. نگران گهرو وزير ۽ جيل واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته سماج مان منشيات جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪميونٽي ۽ فلاحي تنظيمن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪراچي پوليس آفيس جي دوري جي موقعي تي امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري سيد اعجاز علي شاهه پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، زونل ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. گهرو، جيل کاتي جي نگران وزير  ايڊيشنل آئي جي پي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته سمورن خاص هنڌن تي پوليس جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نفري ۾ اضافو ڪيو وڃي. پوليس جي گشت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائمز جي خلاف سخت ۽ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن ۾ گهربل ڏوهارين، سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن ۽ اشتهاري ڏوهارين جي گرفتاري شامل آهي، هن آفيسرن کي چيو ته هو پنهنجي فرضن جي پاسداري ڪن ۽ شهرين جي ڳالهه ٻڌڻ کان علاوه ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کي به يقيني بڻائين. نگران گهرو ۽ جيل واري وزير پوليس جي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ۽ سي پي ايل سي جو دورو پڻ ڪيو. نگران گهرو وزير ۽ جيل برگيڊيئر (ر) حارث نواز کي لاڳاپيل يونٽ ۽ سيل جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button