بريڪنگ نيوزقومي

نگران سُڌ سماءِ واري وزير جي روسي سفير سان ملاقات، مختلف خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو) نگران سُڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان ۾ مقرر روس جي سفير دانيلا گينيچ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ روسي اطلاعات وزير جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه هن چيو ته روسي اطلاعات واري وزير کي پاڪستان واري دوري جي باضابطه دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته روسي اطلاعت وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي طاس ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ريڊيو، ريڊيو پاڪستان وچ ۾ امڪاني معاهدن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جا رابطا، سلامتي، معشيت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت  مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو.  نگران سڌ سماءِ واري وفاقي وزير پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ميڊيا ڊراما، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضروت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان روس سان لاڳاپن کي   قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ميڊيا، ڊاما، فلمز جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي سفارتي لاڳاپن جا75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب جي اعتمام تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل حدفن جا رستا ڳولهڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي.  مرتضي سولنگي چيو ته اسان جا گڏيل لاڳاپا  تبديل  ٿيندڙ گهجن مطابق روشن مستقبل ڏانهن وڌندا رهن ٿا. روسي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود  آهي. هن چيو ته روس پاڪستان سان  ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون  جو خواهشمند آهي. هن چيو ته روس ۾پاڪستاني ڊرامن کي خاص مقبوليت حاصل آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button