بريڪنگ نيوزسنڌ

جيڪڏهن اسان جي نيت ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي هجي ها ته نوڪريون اڳواٽ ئي ڏيون ها: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي( بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جي جي بلن جو آهي، بجلي جا بل عوام لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن، هر ماڻھو بجلي جي بلن تي پريشان آهي، بجلي جي بلن جي غلط ريڊنگ ڏني وئي آهي، جيڪو ڳڻتي وارو لمحو آھي پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته عوام کي رليف ملي. مڪاني ادارن واري اڳوڻي وزير سيد ناصر شاهه سان گڏ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي کي توانائي جي بحران جو اندازو هو، اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت دوران توانائي جي منصوبن تي ڪم ڪيو ۽ ان حوالي سان قدم کنيا. پورٽ قاسم ۾ هڪ پلانٽ تي ڪوئلي مان 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، ٿر ڪول منصوبي مان 2660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، لڪي سيمينٽ جي چائنيز پاور پلانٽ مان 1320 ميگاواٽ بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ تي تنقيد ٿيندي رهي پر سڀني کان سستي بجلي ڪوئلي مان پيدا  ٿي رھي آھي. هن چيو ته هن وقت گهوٽڪي ۾ 250 ميگاواٽ جو پلانٽ هلي رهيو آهي، ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي ۾ 400 ميگاواٽ جو سولر پارڪ به ٺاهي رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماڻهن جي بجلي ايتري استعمال نه ڪئي آھي، کين اندازن جي بنياد تي بل جاري ڪيا ويا، عوام کي غلط بل موڪليا پيا وڃن، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، جتي غلط بل جاري ٿين ٿا اتي بجلي جون ڪمپنيون نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ ۾ ونڊ پاور پلانٽ مان نيشنل گرڊ کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، هن وقت ماڻهو بجلي جا بل ادا نٿا ڪري سگهن، عوام کي ڏکين حالتن ۾ رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي 5 لک خاندانن کي سولر پينل ڏئي رهي آهي، جنهن مان 10 سيڪڙو خاندان پاڻ ادا ڪندا، پيپلز پارٽي 90 سيڪڙو ڏئي رهي آهي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي سولر سسٽم ڏنو پيو وڃي، عوام کي رليف ڏيڻ اڻٽر ٿي ويو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي 2 لک خاندانن کي سولر سسٽم تحت بجلي پيدا ڪرڻ جي سهولت ڏني اسانکي اندازو ھو تھ بجلي جو بحران پيدا ٿيندو ان ڪري اسان اھو پروگرام شروع ڪيو ھو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن ٻوڏ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جي ڳالهه ٿي ته چيئرمين بلاول چيو ته انھن ماڻھن سولر سسٽم به ڏنو وڃي، مسئلن جي باوجود پيپلز بس سروس 50 رپين ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ جو منافعو نظام بهتر ڪرڻ بدران مالڪن جي کيسي ۾ وڃي رهيو آهي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي بند آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 24 ڏينهن اندر پي ٽي آءِ چيئرمين جون رڙيون سامھون اچي ويون، عمران خان کي 5 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو، 29 آگسٽ تي سندس سزا معطل ڪئي وئي، کيس 24 ڏينهن اندر رليف ڏنو ويو، جن جون انصاف جون اپيلون التوا ۾ آهن، انهن کي به ايئن رليف ڏنو وڃي. انصاف جي اوسيئڙي ۾ 20 20 سالن کان ماڻھو جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. پيپلز پارٽي ۽ مختلف پارٽين جي ماڻهن کي صرف جاچ جي نالي تي پنج پنج سال جيل ۾ رکيو ويو، لاڏلي لاءِ وي آءِ پي انصاف قبول ناهي، گڊ ٽو سي يو ۽ لاڏلي ازم جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته ماڻھن کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي رعايت ڏني وئي، پاڪستان ۾ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ واري شخص جو ڪيس ٻڌڻ لاءِ توهان وٽ وقت ناهي، جنهن ادارن خلاف مهم هلائي ان شخص سان رعايت نه ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ کير ۽ چرغو گھري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته متحده قومي موومينٽ اڳ به نوڪرين تي اسٽي آرڊر ورتو ھو، پيپلزپارٽي سدائين ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان جي نيت ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي هجي ها ته اهي نوڪريون اسان اڳواٽ ئي ڏيون ھا. پر هر شيءِ جو هڪ طريقو آهي، جن کي نوڪريون ملڻيون ھيون انھن جا ٽيسٽ ٿيا ھئا پر اڄ اهي احتجاج ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button