بريڪنگ نيوزقومي

نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، پريڪٽس ۽ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميم ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بينچ نيب ترميم خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته نيب 50 ڪروڙ کان گهٽ ڪرپشن جا ڪيس واپس وٺي ڇڏيا آهن. ڪهڙي قانون جي تحت اها ترميم ڪئي وئي آهي؟ ان تي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پاڪستان ۾ احتساب جي نظام جو محافظ نيب آهي. ان تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته احتساب جي قانون ۾ سڀني کان سخت قانون نيب جو ئي آهي نيب جي دائري مان نڪرندڙ ڪهڙي ٻئي قانون جي تحت احتساب جي عمل ۾ شامل ٿيندا. ڇا 50 ڪروڙ جي حد ان لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي ته وڏي مڇي کي پڪڙي سگهجي؟ ڇا 50 ڪروڙ کان گهٽ جي ڪرپشن ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي؟ چيف جسٽس چيو ته نيب ٽرائل جي رفتار تمام گهڻي سست هوندي آهي. نيب ترميم 2022 ۾ انڪوائري وقت جوابدار جي گرفتاري کي ڪڍيو ويو. جولاءِ 2023 ۾ نيب قانون ۾ ٻيهر انڪوائري سطح تي گرفتاري کي شامل ڪيو ويو. نيب ڪيسز ۾ انڪوائري جي سطح تي گرفتاري جي نقصن کي ڪڍي ٻيهر شامل ڪيو ويو. انڪوائري سطح تي گرفتاري نيب جي گرفت ۽ سياستدانن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نيب قانون ذريعي سياسي انتقام جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. ڪافي وقت کان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون هاڻ ائين نٿا ڪري سگهون اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇو نه اسان نيب ترميم جو معاملو نئين ايندڙ پارليامينٽ تي ڇڏي ڏيون. نيب ترميم جا ماضي جي حوالي سان سڀاڻي دليل ڏجو. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. جڏهن ته  چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي، ڪجهه ترميمون وڏي ذهانت سان ڪيون ويون، ايڪٽ تي نظرثاني پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ شامل نه هئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو گوڊ ٽو سِي يُو اٽارني جنرل صاحب، اٽارني جنرل چيو ته مون سان اهو منسوب ڪيو ويو ته مون تسليم ڪيو آهي ته ايڪٽ ۾ نقص موجود آهن، مون لفظ نقص نه پر اوور ليپنگ استعمال ڪيو هو، پر ان جي رپورٽنگ ڪا ٻي ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته توهان ته تسليم ڪيو ته قانونن ۾ مطابقت نه آهي، جيڪا قانونسازي ڪئي وئي ان سان چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو، آگسٽ ۾ پارليامينٽ قانونسازي لاءِ ڏاڍي متحرڪ رهي، پروسيجر ۽ رويو ايڪٽ تي نظرثاني پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ شامل نه هئي.  اٽارني جنرل چيو ته پارليامينٽ رويو ايڪٽ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي منتظر هئي، چيف جسٽس چيو ته توهان جي هر ڳالهه مڃينداسين پر اها ڳالهه تسليم نه ڪنداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button