بريڪنگ نيوزسنڌ

عوام بک بدحالي بدامني ڪرپشن ۽ استحصالي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿئي: سيد صدرالدين شاهه راشدي

ڪراچي(بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي چيف ڪوآرڊينيٽر ،فنڪشنل مسلم  ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو آھي ته عوام بک بدحالي ،بدامني،ڪرپشن ۽ استحصالي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿي وڃي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان ملاقات ڪندي ڪيو، ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال خاص طور تي سنڌ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جي ڊي اي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل کي ضلعي ۽ تعلقي سطع تي مضبوط ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي، سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته عوام ڪرپشن، نفرت، ورھائڻ واري سياست کي رد ڪري ھڪ پليٽ فارم تي متحد ٿي ڪرپٽ مافيا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جي ڊي اي کي مضبوط ڪري، ڇاڪاڻ ته مھانگائي، غربت، بيروزگاري سبب عوام جي معاشي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي ،حڪمرانن جي مھانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ سڀ کان پھرين ترجيح ھجڻ گھرجي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button