بريڪنگ نيوزسنڌ

اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ۽ شيڊول جاري ڪري عوام، کي پنهنجو فيصلوڪرڻ ڏنو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (بيورو )پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ به تيار هئي، دير جو سوال چونڊن کان ڀڄڻ وارن کان ڪيو وڃي. ڪراچي جي علائقي ملير جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، پ پ جو موقف آهي ته اسان جو مقابلو غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي سان آهي. هن چيو اسان جو مطالبو آهي ته چونڊون جلد کان جلد آئين موجب 90 ڏينهن اندر ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن 4 سالن جي ڪارڪردگي سان پنهنجي ساک کي عوام سامهون ثابت ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ڊسڪا ۾ پنهنجي ڪارڪردگي کي ثابت ڪيو، اسان اميد ٿا ڪيون ته اليڪشن ڪميشن صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ ٻٽي پاليسي ڇو هلي رهي آهي؟ اليڪشن ڪميشن ترقياتي فنڊ روڪڻ جو غير آئيني ڪم ڪيو، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيان ٿو ته ترقياتي ڪمن تي پابنديون ختم ڪيون وڃن. پ پ چيئرمين چيو ته پ پ نيب کان نٿي ڊڄي، نٿو سمجهان ته پ پ خلاف ڪو انتقامي رويو هلي رهيو آهي، پ پ جو فوڪس پنهنجي ڪم تي هو ڪيس تي نه، عدالت ۽ نيب کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته آصف زرداري 11 سالن تائين جيل ۾ قيد رهيو، جيڪي هن وقت جيل ۾ آهن اهي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سڀني کي جيل ۾ وجهڻ جو چوندڙ اڄ پاڻ جيل ۾ آهي، جن کي مڙهيو ويو انهن 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو، جيڪي هٿ ٺوڪيا آڻيندا هئا انهن کي به علم ٿي ويو ته وڌيڪ تجربا نٿا هلي سگهن. هن چيو هٿ ٺوڪيا آڻيندڙن کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني عوام تي تجربا ڪرڻ ڇڏي ڏيو، عوام کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ ڏيو، عوام جيڪڏهن نواز شريف کي چونڊي ٿو ته سڀني کي قبول ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پ پ جي حق ۾ فيصلو اچي ته به سڀئي قبول ڪن، عوام جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي چونڊي ته به اسان کي قبول ڪرڻو پوندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button