بريڪنگ نيوزقومي

سمورين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، چونڊن ۾ آئين موجب پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين: مرتضيٰ سولنگي

ڪراچي(بيورو) نگران سُڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف اليڪشن اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران حڪومت چونڊن لاءِ ماحول سازگار بڻائيندي. چونڊين دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندو آهي. چونڊن ۾ عوام تائين ميڊيا صحيح ڄاڻ پهچائڻ لاءِ مستند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي هتي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته آئين موجب پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪنداسين، ڪنهن  ۾ به ڪو فرق وارو ورتاءُ نه ڪيو ويندو. سمورين پارٽين سان سٺا لاڳاپا  چاهيون ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button