بريڪنگ نيوزسنڌ

ڀريا روڊ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج، ڌرڻو

ڀرياروڊ (ن م) ڀرياروڊ بجلي جي غير اعلانيا لوڊشيڊنگ خلاف  شهري سياسي سماجي اڳواڻ  شٽربند ھڙتال ڪري روڊن تي نڪري آيا ٽائرن کي باهيون انصاف جي گهر ڀرياروڊ جي شھرين پاران غير اعلانيا لوڊشيڊنگ خلاف شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري سيپڪو انتظاميا خلاف فاروق اعظم چوڪ تي سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون رھواسين  نديم اختر آرائين۔ امتياز آرائين۔سيد جوادشاه۔ـ مولوي شفيق احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي غير اعلانيا لوڊشيڊنگ سبب رھواسي سخت پريشان آهن بجلي نه ھجڻ ڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آهي ۽ اسان جون اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي۔ ھنن چيو ته انتظاميا کي بار بار دانهيو آهي پر ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي احتجاج ڪندڙن سيپڪو چيف سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته غير اعلانيا لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي شھرين کي پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button