بريڪنگ نيوزسنڌ

پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي: ن ليگ اڳواڻ

ھالا (ن م) ھالا ۾ ميان محمد نواز شريف جي وطن واپسيءَ تي شاندار استقبال ڪرڻ لاءِ ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جو ماشاءَ الله ھائوس تي اھم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ استقباليه ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سيد شاھ محمد شاھ. اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير، نھال ھاشمي، کيئل داس ڪوھستاني، چوڌري طارق، سيد شاھ زمان شاھ ۽ ٻين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 21 آڪٽوبر تي ميان محمد نواز شريف جو سڄي سنڌ جا ڪارڪن ڀرپور نموني استقبال ڪندا، سنڌ مان ٽرينن ذريعي ڪارڪنن کي لاھور پھچايو ويندو. ھنن چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اتحاد کانسواءِ اليڪشن وڙھنداسين، بشير ميمڻ جو ڪردار بي داغ آھي نوڪري جي دوران به پاڪستان جي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪئي مسلم ليگ ن ۾ شموليت کانپوءِ پارٽيءَ کي وڏو فائدو پھچندو، ھنن چيو ته نواز شريف جي پارٽي صاف ماڻھن جي پارٽي آھي جنھن ۾ بي داغ ماڻھو شامل آھن. ھنن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ تباھي ڪري ڇڏي آھي ٻوڏ متاثرن توڙي موٽروي لاءِ ايندڙ کربين رپيا ھڙپ ڪري سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. اسٽبلشمينٽ سان ڪو به جھيڙو ناھي ھو پنھنجو ڪم بھتر نموني ڪري رھيا آھن. اسان پنھنجي مينڊيٽ سان اليڪشن کٽي اينداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button