بريڪنگ نيوزقومي

نواز شريف عوام خاطر اقتدار جا ڏينهن گهٽ ۽ ڏکيا ڏينهن گهڻا ڏٺا: مريم نواز

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف عوام خاطر اقتدار جا ڏينهن گهٽ ۽ ڏکيا ڏينهن گهڻا ڏٺا. لاهور ۾ عوامي جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر تي پاڪستان جو ليڊر نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، 7 سالن کان پاڪستان ۾ ڇانيل مايوسي اميد ۾ تبديل ٿي رهي آهي، نواز شريف کانسواءِ ڪهڙو وزيراعظم آيو، جنهن اگهه وڌڻ نه ڏنا هجن؟ هن چيو عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪڏهن 8 آڪٽوبر تي اها صورتحال آهي ته 21 آڪٽوبر تي ڇا ٿيندو، ڪالهه اسان تي برو وقت هو، انهن رات ڏينهن گارگند ڪيو، اسان تي الزام هنيا، اسان ائين نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته 4 سال اهڙن جوڪرن جي حڪومت هئي جو جيڪو جيڏي وڏي گار ڏيندو هو ان کي ايڏي وڏي وزارت ملندي هئي، هيلٿ ڪارڊ جنهن جو ٺيڪيدار اڄ ڪو ٻيو بڻيل آهي، اهو پروگرام نواز شريف آندو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button