بريڪنگ نيوزسنڌ

جيڪب آباد ۾ مقابلي دوران شهيد اهلڪار جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

جيڪب آباد (ن خ)جيڪب آباد گذريل رات دير سان جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ٿاڻي جي حد قادر پور لاڙي وٽان  پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ھڪ پوليس اھلڪار جمشير احمد چاچڙ شھيد ۽ پوليس اھلڪار نور محمد چاچڙ زخمي ٿي پيو شھيد اھلڪار جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو,جڏھن ته پوليس تي فائرنگ ڪندڙ ھڪ مبينا ڏوھاري پڻ مارجي ويو آھي،جنھن جي سڃاڻپ نظام کوسو طور ٿي آھي شھيد اھلڪار جي جنازي نماز دوداپور لڳ سندس جي اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ شريڪ ايس ايس پي عامر عباس شاھ چيو ته ڪنھن به صورت ڏوھارين کي بخش نه ڪبو ڏوھاري ڀل ڪيترا به طاقتور ڇونه ھجن ھر صورت ۾ انھن خلاف ڪارروائي ڪري انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته شھيد پوليس اھلڪار جو خون ڪڏهن به رائيگان نه ويندو شھيد پوليس اھلڪار جي مڪمل پگھار 60 سالن تائين ھلندي شھيد جي خاندان کي 2 نوڪريون ۽ ھڪ ڪروڙ رپيا سرڪار طرفان ڏنا ويندا انشاء الله شھيد پوليس اھلڪار جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button