بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد نوراني بستي ايڪسپو سينٽر ويجھو اڻڄاتل شخص جو لاش ھٿ

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي نوراني بستي واري علائقي ايڪسپو سينٽر ويجھو واھ ڀرسان اڻڃاتل شخص جو لاش ھٿ. سڃاڻپ نه ٿي سگھي. علائقي واسين جي اطلاع تي پنڃاري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پنڃاري پوليس جو چوڻ ھو ته واھ مان اڌڙوٽ شخص جو لاش مليو آھي جنھن جي عمر اٽڪل 45 سال لڳي رھي آھي. جنھن جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽ ڪرائي نادرا کان مدد ورتي ويندي ته جيئن سندس سڃاڻپ ٿي سگھي. في الحال پوليس لاش سول اسپتال جي سردخاني ۾ امانت طور رکرائي ڇڏيو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button