بريڪنگ نيوزسنڌ

خانپورمهر ويجهو پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل،جوابدار فرار

خانپورمهر(رپورٽ ميرمنٺارچنه ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ مانڌل بوزدار ۾ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان مهدي حسن بوزدار پٽ ڀورل بوزدار کي موٽر سائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار واردات بعد فرار ٿي ويا، هوڏانهن اطلاع تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو،جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود مقتول جي والد ڀورل بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان جوابدار يعقوب بوزدار، معشوق ۽ ٻين منهنجي پٽ کي قتل ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته سندس پٽ خانپورمهر شهر مان ٻارن جو علاج ڪرائي گهر اچي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو، هن اعلي اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو، ان سلسلي ۾ خانپورمهر پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا اهي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button