بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير پاران سول اسپتال خيرپور جو دورو،ناقض انتظامن تي ڊائريڪٽر فنانس معطل،ايم ايس کي هٽائڻ جو حڪم

خيرپور/پيرجو ڳوٺ/راڻيپور(نمائندن وٽان) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سول اسپتال خيرپور جي ڳڻتي جوڳي حالت ڏسي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪندي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي پڻ ٽرانسفر جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ اسپتال جي معاملن تي مجموعي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر منصور رضوي سان گڏ سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو ۽ مختلف وارڊن، ليبز ۽ ريڊيالاجي جي حالت ڏسندي اتي موجود مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وڏي وزير ڏٺو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ مرد ۽ عورتون مريض بغير وهاڻن ۽ چادرن جي بسترن تي آهن جڏهن ته مرد ۽ عورت مريضن لاءِ پردي جو ڪوبه الڳ نظام ناهي. هن ڏٺو ته بسترا بغير صاف سٿرائي جي گهنجيل هئا، ضرورت جي وقت آڪسيجن موجود نه هئي ۽ نيبولائزر ته هيٺ پٽ تي گندگي ۽ مٽيءَ وگهي زنگ لڳل پيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ ايم ايس وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايمرجنسي ۾ ڪا به ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه هئي ۽ رڳو هڪ ليڊي ڊاڪٽر هئي جنهن کي فون ڪال تي اسپتال سڏايو ويو.  ان تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي خبردار ڪيو ته هو اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ ايڊمنسٽريٽر جي حاضري کي يقيني بڻائي جتي اسپتال ۾ 3000 کان وڌيڪ مريض روزانو اچن ٿا اتي اهڙي گندگي، بدانتظامي، غير پيشيواراڻي رويي جي اجازت ڪيئن ٿا ڏئي سگهون؟ وڏي وزير ايم ايس کان سوال ڪيو ته اسپتال ۾ 550 بسترن جي سهولت موجود آهي پر ان کي ڊسپينسري وانگر هلايو پيو وڃي. جسٽس باقر ريڊيالاجي شعبي جو دورو ڪندي ڊارڪ روم جو معائنو ڪيو جتي ايڪسري ٿي رهيا هئا جنهن جي حالت گهڻي خراب هئي. وڏي وزير کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪمرو ٺهڻ کان وٺي صفائي نه ٿي هجي. وڏي وزير اسپتال جي ليبارٽري جو معائنو ڪيو جنهن ۾ سامان موجود هو پر انهن مان ڪجهه خراب هو ۽ انهن جي مسئلن تي ڪابه سنجيدگي نه ڏيکاري وئي. وڏي وزير فارميسي جو دورو ڪيو جتي مريضن کي ڏنل دوائن جو رڪارڊ ئي نه هو. اسپتال جي اڱڻ ۾ خانگي فارميسي ڪم ڪري رهي هئي جنهن خلاف وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته ان کي سيل ڪيو وڃي. نگران وڏي وزير اسپتال جي ڪچن جو دورو ڪيو جتي کيس ٻڌايو ويو ته 350 مريضن لاءِ کاڌو تيار ڪيو پيو وڃي، درحقيقت رڌڻو گندگي ۽ ويران کانسواءِ ڪجهه نه هو جتي ڪافي عرصي کان رڌپچاءُ ئي نه ٿيو هو. ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر فنانس گذريل ڪجهه مهينن دوران اسپتال جا خرچ ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جڏهن ته وٽن ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي ۽ موڪلن جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي. تنهنڪري وڏي وزير ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي بدلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گورنمينٽ ناز اسڪول: سنڌ جي وڏي وزير 1906ع ۾ قائم ڪيل پراڻي اسڪول (گورنمينٽ ناز سيڪنڊري هاءِ اسڪول) جو پڻ دورو ڪيو. اسڪول جي عمارت جي حالت خراب هئي. وڏي وزير چيو ته اسڪول ۾ داخلا 900 کان وڌيڪ هئي پر شاگردن جي حاضري (انرولمينٽ 70 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ) هئي. وڏي وزير ڏٺو ته اسڪول جي ليب ۽ لائبرري ۾ بجلي ناهي ۽ نه ئي اتي موجود ڪٻٽ ۽ الماڙين ۾ ڪتاب هئا. اسڪولن ۾ ٽوائليٽ مڪمل اجڙيل ۽ بجلي جا واٽر ڪولر خراب هئا. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته 48 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل تاريخي اسڪول جي رونق بحال ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته اسڪول ۾ خوبصورت باغيچو آهي پر ان جي سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي. وڏي وزير بلڊنگ جي ايڪسئن کي طلب ڪري هڪ مهيني اندر اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ٻي صورت ۾ انڪوائري کي منهن ڏيڻو پوندو. گمز اسپتال: وڏي وزير گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) جو پڻ دورو ڪيو ۽ اسپتال جي ضرورتن، انونٽري، مريضن جي طبي سسٽم ۽ مجموعي خرچن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڊائريڪٽر گمس کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجا سمورا اڪائونٽ ناڻي ۽ صحت کاتي سان شيئر ڪري ته جيئن 2 ارب رپين جي خساري تي ضابطو آڻي سگهجي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت گمس کي ساليانو 6 ارب رپيا گرانٽ ڏئي ٿي. ان کان اڳ وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ باقر مقبول درازان شريف ويو جتي هن حضرت سچل سرمست جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button