بريڪنگ نيوزقومي

سياسي اثررسوخ ۽ رشوت ذريعي ڪوڙا ڪارڊ ۽ ملڪيتون ٺاهيندڙ پرڏيهين خلاف به ڪريڪ ڊائون ٿيندو: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (بيورو) سياسي اثررسوخ ۽ رشوت ذريعي ڪوڙا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ملڪيتون ٺاهيندڙ پرڏيهين خلاف به ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي نادرا مان ڪارڊ ٺهرائي ڏيندڙ پاڪستاني سهولتڪارن کي  به جيل اماڻينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي جيوفينسنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، حڪومت کي خبر آهي ته غير قانوني پرڏيهي ڪهڙي شهر يا ڳوٺ ۾ موجود آهن، پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. هن ٻڌايو ته غير قانوني پرڏيهين کي پاڪستان مان ڊالرز کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، غير قانوني پرڏيهي رڳو 50 هزار روپيا کڻي وڃي سگهندا، پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي جو دنيا جي غيرقانوني پناهگيرن کي ترسائي. پاڪستان ئي واحد ملڪ آهي جتي ڪا به جهل پل نه هئي، پهرين نومبر کان ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button