بريڪنگ نيوزسنڌ

ننگرپارڪر ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ گهٽتائي نه آئي،هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ آپگهات جا ٻه واقعا

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:سجاول بجير) ننگرپارڪر ۾ خودڪشين جا واقعا معمول بڻيل ڳوٺ هيراڙ ڏيٿا ۾ 45 ورهين جي الهواريو ڏيٿو ۽ تاج محمد شاھه ۾ نوجوان غير شادي شده ناري سلمه ڌيءَ حسن سنگراسي جو کوھه مان لاش مليو، ٻنهي واقعن جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪرايا ويا پوليس ۽ وارثن شروعاتي رپورٽن ۾ واقعا دماغي توازن ڄاڻائي ڇڏيا، علائقي جي ساڃاھه وندن مطالبو ڪيو آهي ته هر خودڪشي واقعي کي پوليس دماغي توازن ۽ گهرو اڻبڻت ڄاڻائي ٿي، هنن وس وارن مطالبو ڪيو آهي ته آپگهات واقعن جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button