بريڪنگ نيوزسنڌ

کپرو ويجهو بي رحم پيءُ هٿان ڇرين جا وار ڪري نوجوان پٽ قتل

کپرو  (ن م) کپرو ويجهو پنيري ۾ بي رحم پيءُ ڇرين جا وار ڪري  پنھنجي 20 سالا نوجوان پٽ انور شر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.خبر موجب  کپرو ويجهو ڳوٺ طالب حسين  مڱريو ۾ بي رحم پيءُ ربنواز  شر پنھنجي 20 سالا نوجوان پٽ انور شر کي پيٽ ۾ ڇرن جا وارڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اھو معلوم ٿيو آهي ته ربنواز شر ڪچي شراب جو موالي ھو پٽن ڪيترائي ڀيرا روڪيو ته نشو نه ڪر پر ان ڪونه مڃيو نيٺ پٽن چيو ته شراب  ٺرو نه ٿو ڇڏين ته پوءِ يا اسان گهر ڇڏيون يا تون گھر ڇڏي وڃ نيٺ موالي گهر ڇڏي ويو. 4 کان 5 ڏينهن گهر کان ٻاهر رھيو. اڄ ڏينهن جو نوجوان انور شر گهر ۾ ننڊ ستل ھو ته اوچتو گهر ۾ گھڙي پنهنجي پٽ تي ڇرين جا وارڪري پيٽ ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڇوڪرو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ۽ ھوڏانھن  فوتي جي چاچي جو چوڻ ھو ته پيءُ ۽ پٽ جو معمولي ڳالهه تان جھيڙو  ٿي پيو جنهن ۾ ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي  ڳوٺاڻن  جو چوڻ  آهي ته ان ربنواز شر جو اھو پٽ ڪمائڻ وارو ھو ٻيا پٽ درويش آهن، اطلاع تي کپرو پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال کپرو آندو بعد۾ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ  تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيھوشي  جادورا پئجي جي رھيا آهن ھوڏانھن جوابدار ربنواز شر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button