بريڪنگ نيوزسنڌ

پ پ سنڌ کي کنڊرات بڻايو، عوام حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي جي ڊي اي اميدوارن کي ڪامياب بڻائي: سيد محمد راشد شاهه

پير جو ڳوٺ (خلجي وٽان) اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي صاحبزادي جي ڊي اي طرفان پي ايس 31 جي نامزد اميدوار سيد محمد راشد شاھ يوسي لال بخش ڪانڌڙو جي مختلف ڳوٺن ۾ چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي جتي مختلف ھنڌن تي ڀيڄ پاڳارا جي نعرن ۽ گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي، سيد، ميتلا، لوھر، ناريجو، مھيسر ۽ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن درگاھ مدد علي شاھ جيلاني جي گادي نشين سيد موج علي شاھ جيلاني، ايڊوڪيٽ طارق ميتلو، لال بخش وڏيرو سائين بخش ڪورائي، وڏيرو بھاول خان جتوئي، رضا محمد ڪورائي، محمد سليم ڪورائي، وڏيرو عبدالغفور جتوئي، محمد سچل ڪورائي، وڏيرو حبيب الرحمان جتوئي، علي خان جتوئي، وڏيرو نبي بخش ڪانڌڙو، ڊاڪٽر گل حسن ميتلو ۽ ٻين پاران پيپلزپارٽيءَ کي ڇڏي جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سيد محمد راشد شاھ چيو ته شھادتن جا قسم ھوندا آھن ھڪ اقتدار جي خاطر ھوندي آھي، ٻي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ھوندي آھي منھنجي پڙڏاڏي سورھيه بادشاھ ھن ڌرتيءَ ۽ عوام جي حفاظت لاءِ جان جو  نذرانو ڏنو. ساڳئي عمل تي منهنجا والد گرامي پير سائين پاڳارا به گامزن آھن ۽ گذريل پندرھن سالن کان ڪرپٽ حڪمرانن خلاف سنڌ جي عوام جي حقن خاطر جنگ وڙھي رھيا آھن، توھان سڀ يزيديت کي ڇڏي حسينيت جو ساٿ ڏيو، اسان جو انتخابي نشان پنجتن پاڪ جو ستارو آھي، ستاري کي ڪامياب ڪرائي ۽ خوني تير جا ٽڪرا ٽڪرا ڪجو، ھن چيو ته پيپلزپارٽي 15 سال سنڌ کي کنڊرات بڻايو پر عوام کي گھرجي ۽ سمجھڻ گھرجي ته حق ۽ سچ جي راھ جا راھي بڻجي جي ڊي اي اميدوارن کي ڪامياب بڻايو ته جيئن سنڌ جي ماروئڙن کي سندن جائز بنيادي حق صحت، تعليم، بلديات جون بھتر سهولتون فراھم ڪيون، توھان ھر دور ۾ ڏٺو ھوندو ته ڌاڙيلن ۽ بدامنيءَ خلاف وڏا وڏا آپريشن ڪيا ويا جنھن ۾ حُر جماعت جي نوجوانن به ڀرپور حصو وٺي امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو، ھن چيو ته منھنجي پڙڏاڏي سورھيه بادشاھ ھن ڌرتيءَ جي خاطر جان جو نذرانو ڏنو ۽ ڪيترائي انعام اڪرام ٺڪرائي ڇڏيا، جڏھن ته ان وقت جي غدارن سر، خانبھادر جا لقب ورتا، اچو ته گڏجي ڪرپٽ ظالم ۽ ڪرپٽ بيوروڪريٽ مان جان بچايون، ھڪ بھتر مستقبل طرف قدم وڌايون، سيد محمد راشد شاھ نگران حڪومت کان گھر ڪئي ته جلد کان جلد سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ جون ٽيسٽون ڪرائي ۽ عوام کي ضرورت موجب سرڪاري خرچ تي وئڪسين ڪرائي وڃي. جڏھن ته سيد حسام الدين شاھ لڪياري ۽ سيد موج علي شاھ جيلاني  ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا اصل ۽ حقيقي وارث پير سائين پاڳارا آھن اسان پير سائين پاڳارا کي گذارش ٿا ڪريون ته ھر مشڪل ۾ توھان ھن ڌرتيءَ جي حفاظت ڪئي آھي اڄ به سنڌ توھان کي سڏي ٿي انشاءَ الله سنڌ جو عوام به 8 فيبروريءَ تي غيرتمند عوام غيرت جو مظاھرو ڪري جي ڊي اي کي ڪامياب بڻائيندا. گڏجاڻين ۾ سيد ھارون شاھ راشدي، ڄام انعام مھيسر، رئيس فاروق چانڊيو، قربان ڪلھوڙو، سيد ارشاد شاھ، ايڊوڪيٽ مجيب الرحمان مھيسر، اصغر ڦلپوٽو، مشتاق سروھي، حبيب الله ميمڻ، عبدالرئوف ڪانڌڙو، لالا افتخار ميمڻ، شاھد ڀنڀرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھيا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button