بريڪنگ نيوزقومي

ڏورانهين علائقن جو ملڪ جي ٻين شهرن سان هوائي رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڏورانهين علائقن جو ملڪ جي ٻين شهرن سان فضائي رابطا اڃا وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن پي آئي اي جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ پي آئي اي انتظاميه ۽ هوابازي ڊويزن ڏينهن رات ڪم ڪن ۽ پي آئي اي جي ري اسٽريڪچرنگ جي حوالي سان تفصيلي پلان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائنز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي پي آئي اي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته پي آئي اي هڪ اهم قومي ادارو آهي جنهن جو شمار هڪ زماني ۾ دنيا جي بهترين ايئر لائنز ۾ ٿيندو هو نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڏورانهين علائقن جو ملڪ جي ٻين شهرن سان هوائي رابطو وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن هن چيو ته پي آئي اي جي اڏامن جا وقت مسافرن جي سهولت مطابق رکيا وڃن هن هدايت ڪئي ته پي آئي اي جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ پي آئي اي انتظاميه ۽ هوابازي ڊويزن ڏينهن رات ڪم ڪن اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آئي اي ايڪٽ 2016 ۾ تازو ترميم سان پي آئي اي جي ري اسٽريڪچرنگ جو رستو گهڙيو آهي وزيراعظم چيو ته پي آئي اي هڪ قومي ادارو آهي جنهن ماضي ۾ شاندار فضائي سروسز فراهم ڪيون ۽ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو اجلاس ۾ نگران ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، ايئر مارشل رٽائرڊ فرحت حسين وزيراعظم ۽ صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button