بريڪنگ نيوزسنڌ

راڻيپور ۾ وحشت جو نشانو بڻيل ٻارڙي جي ماءُ پاران تشدد جي تصديق،انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل

راڻيپور/خيرپور(نمائندن وٽان)راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙي جي ماءُ جو مرشدن خلاف بيان اچي ويو آهي ۽ هن انصاف جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.نينگري فاطما جي ماءُ چيو آهي ته جيڪو ڪجهه سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي اهو سڀ سچ آهي.هن چيو ته نينگري جي پاسيرين ۽ ڪنڌ تي تشدد جا نشان هئا، سندس ٻانهن به ڀڳل لڳي رهي هئي مان چاهيان ٿي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ 10 سالن جي ٻارڙي جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ واري وڊيو سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.نينگري جي دردناڪ موت بعد کيس مبينا ڳجهه ڳوهه ۾ دفنايو ويو، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واقعي بابت انڪشاف ٿي رهيا آهن.نوشهري فيروز جي علائقي خان واهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي رهواسڻ 10 سالن جي فاطما ڌيءُ نديم ڦرڙو مرشدن جي خدمت لاءِ وٽن ترسيل هئي.هڪ وڊيو ۾ ٻارڙي حويلي اندر تڙپندي نظر اچي ٿي ۽ بعد ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پوي ٿو. هڪ ٻي وڊيو ۾ نينگري جي جسم تي تشدد جا نشان نظر اچن ٿا.ذريعن موجب مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڇو ته ايس ايڇ او به درگاهه جو مريد آهي ۽ پنجون ڀيرو کيس ساڳئي ٿاڻي تي مقرر ڪرايو ويو آهي.پوليس جو موقف آهي ته هنن ٻارڙي جي وارثن جا بيان ورتا آهن ۽ ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا ڪي نشان نه آهن.ٻئي پاسي نينگري جي ماءُ چيو ويو آهي ته اسان کي فون تي ٻڌايو ويو ته سندن ڌيءَ فوت ٿي چڪي آهي ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان هئا اهي وڊيوز جيڪي به سامهون آيون آهن اها حقيقت آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button