بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو جي ڪرمنل عدالت ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي،ڪيس جي شاهدن کان آڏي پڇا

دادو(رپورٽ:علي گل چنا) ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي عدالت ۾ ٿي، ام رباب چانڊيو وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پهتي جوابدار پ پ پ جو اڳوڻو ايم پي سردار احمد چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو  گرفتار جوابدار علي گوهر، ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ ٻئي ڏينهن به ڪيس جي شاهد کان جوابدارن جي وڪيلن پاران آڏي پڇا جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته هڪ جوابدار جو وڪيل نه هجڻ سبب آڏي پڇا جو سلسلو مڪمل نه ٿي سگهيو ، عدالت 8 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ام رباب چانڊيو جي وڪيل پاران ڏنل درخواست تي سردار احمد چانڊيو چيو ته برهان چانڊيو جي نياڻي بيمار آهي ان ڪري هو ان جي اعلاج لاءِ پرڏيهه ويو آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب  چيو ته هي ڪورٽ کان ڀڄڻ چاهن ٿا جنهن بابت اسان ڪورٽ ۾ آبجيڪشن رڪارڊ ڪرايو آهي ام رباب چيو ته پر اميد آهيون ته عدالتون اسان سان انصاف ڪنديون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button