بريڪنگ نيوزسنڌ

امن امان جي صورتحال ڏينهن هوڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي،چونڊن ۾ فوج جي مقرري بابت بچاءَ واري وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي:گهرو وزير

لاهور(م ڊ)نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته امن امان جي صورتحال ڏينهن هوڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي،چونڊن ۾ فوج جي مقرري بابت بچاءُ واري وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي،امن امان جي صورتحال هن وقت هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهي آهي، امن امان بابت مولانا فضل الرحمان جون ڳالهيون بلڪل درست آهن،گذريل 9 مهينن کان ٽي ٽي پي فيڪٽر سبب دهشتگردي ۾ 78 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، مولانا فضل الرحمان جي جماعت جي ماڻهن تي حملا ڪيا ويا،اليڪشن ايس او پيز، امن امان تي هن هفتي سمورين پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، امن امان اسان جو موضوع آهي،اليڪشن ۾ فورسز جي موجودگي بابت رڳو بچاءَ واري وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي، سڪيورٽي بابت اليڪشن ڪميشن جون گهرجون پوريون ڪنداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button