بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ۽ نگران گهرو وزير حارث نواز جي گڏيل پريس ڪانفرنس

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس منعقد ڪئي.ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وزير پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ چيو ته نگران وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ جا نگران وزير پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگيءَ ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچائي آگاهي فراهم ڪن. ان موقعي تي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته ان جي پهرين توجه ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي ۽ شهر ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام تي آهي. صوبي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين وٽ قانوني ڪاغذ آهن انهن کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي. هن چيو ته سنڌ مان هن وقت تائين 41 هزار غيرقانوني پرڏيهي پنهنجي ملڪ ويا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪي به وڃي رهيا آهن انهن کي پوري عزت ۽ احترام سان موڪليو وڃي ته جيئن اهي سٺيون يادگيريون کڻي هتان وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 47 هزار افغان نيشنل ڪارڊ هولڊر آهن. هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. اهڙا ماڻهو به اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث مليا آهن، اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته فوجي عدالت ۾ انصاف جون سڀئي گهرجون پوريون ڪيون وينديون آهن، جوابدار کي پنهنجو وڪيل رکڻ جي اجازت هوندي آهي، فيصلي کانپوءِ کيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو حق پڻ حاصل هوندو آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي ملڪ مان دهشتگردي ۽ ڏوهن کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته جان محمد مهر جا قاتل هر صورت ۾ گرفتار ٿيندا ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن سالن ۾ 30 کان 40 لک افغانين جي ڪيترائي سال مهمان نوازي ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀ کان پهريان پاڪستان آهي اسان جا شهري ۽ فوجي جوان شهادتون ماڻيون آهن پر هاڻي گهڻو ٿي ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رينجرز جي ضرورتن مطابق مالياتي مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس بابت شڪايتن تي به ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته پوليس ۾ تمام سٺا آفيسر آهن ۽ بهترين پوليس جي شاندار خدمتون به رڪارڊ تي آهن. سيف سٽي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جون واضح هدايتون آهن ۽ ان منصوبي تي ڪم جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غير قانوني نادرا ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن  ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مڇر ڪالوني واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادارا ڪنهن به ٿريٽ جي حوالي سان الرٽ آهن. جيلن ۾ قيدين جي سهولتن تي ڪم جاري آهي. هڪ قيدي جي پينٽنگ 10 لکن ۾ وڪامجي وئي، جنهن سان هن پنهنجي ماءُ کي عمري جي سعادت حاصل ڪئي، هن قيدي جي حوصلا افزائي لاءِ کيس پيرول تي آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي ماءُ سان ملرايو به ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بيروزگاري به ڏوهن جي شرح ۾ واڌ جو هڪ سبب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊالر جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ به تمام سخت قدم کنيا ويا آهن. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button