بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جي سال 24-2023 لاءِ 20 هزار 8 سئو روپين جي بچت واري بجيٽ پيش

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ضلعي ڪائونسل جي سالياني بجيٽ ۾ او زيڊ ٽي شئير 35ڪروڙ، 5 لک 61 هزار 400روپيا، غير متحرڪ مليڪتن جي منتقلي جي مد ۾ 1 ڪروڙ 20 لک روپيا، وٽرنري اسپتالون، ڌڪ ٽينڊر في جي مد ۾ 10 لک 5 هزار، مسواڙ دڪان ۽ ڪوارٽر 6 لک روپيا، ٻئي آمدني 2 لک روپيا، ڪيپٽل آمدني دڪانن وغيره جون بقاياجات جي مد ۾ 5 لک 30 هزار ، گذريل سال جي بچت 18 ڪروڙ، 54 لک 88 هزار 900 روپيا آهي جڏهن ته ٽوٽل خرچڻ جي مد ۾ ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 13 ڪروڙ 42لک 45هزار 500 روپيا،  280 رٽائرڊ ملازمن جي پينشن، گريجوئٽي جي مد ۾ 10ڪروڙ، 90 لک روپيا، ڪانٽيجينسي جي مد ۾ 2 ڪروڙ، 74 لک 84هزار روپيا، لازمي خرچ 25لک روپيا، سال 2022-21، 2023-22 جي 8 هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي مد ۾ 89 لک 85 هزار روپيا، سال 2024-23 جي نون ترقياتي اسڪمن جي مد ۾ 24 ڪروڙ 5 لک روپيا، مخصوص خرچ ڊزاسٽر وغيره قدرتي آفتن ۽ برسات ايمرجنسي جي مد ۾ 1 ڪروڙ 3 لک روپيا، موجوده ۽ رٽائرڊ ملازمن جون بقايائون 1 ڪروڙ 29 لک 50هزار روپيا، گرانٽس جي مد ۾  40 لک روپيا، اسڪالر شپ جي مد ۾ 4 لک روپيا مختض ڪيا ويا آهن، چيئرمين ضلع ڪائونسل ميرپورخاص مير انور علي ٽالپر چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پنهنجي پنهنجي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي ڪرڻ وارو فيصلو ضلعي ڪائونسل جي ملازمن تي به لاڳو ٿيندو جنهن کي نظر ۾ رکندي پگهارن جي بجيٽ ۾ %30 ۽ %35 ۽ پينشن جي بجيٽ ۾ %17.5 وڌائي وئي آهي جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي ماتحت 7 برانچن  جي آفيس جي روز مرهه خرچن جنهن ۾ ٽيليفون جي مد ۾ 1 لک روپيا، اليڪٽرڪ سٽي بل جي مد ۾ 10 لک روپيا، ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ 8 لک 50هزار روپيا، اسٽيشنري جي خريداري جي مد ۾ 2 لک 87 هزار روپيا، رڪارڊ جي ڇپائي جي مد ۾ 6 لک 25هزار روپيا، ضلعي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ريفريشمينٽ جي مد ۾ 19لک روپيا، ڪمپيوٽرن جي سامان جي خريداري جي مد ۾ 3 لک 60 هزار روپيا، پيٽرول ۽ ڊيزل لاءِ 35لک روپيا، نئين فرنيچر جي خريداري لاءِ 12 لک روپيا، ترقياتي ڪمن جي اشاعت لاءِ انفارميشن کاتي لاءِ 30 لک روپيا، نئين گاڏين، فائير برگيڊ ۽ گاربيج جي خريداري لاءِ 80 لک روپيا ، قدرتي آفتن ۽ برساتي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ڪروڙ روپيا، مختلف ادارن، غريب، نادار ماڻهن جي مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ گرانٽ لاءِ 40 لک روپيا جنهن ۾ نوڪري دوران فوت ٿي ويندڙ ملازمن جي فيملي کي گورنمينٽ طرفان منظور ٿيل مالي مدد لاءِ 20 لک روپيا، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص لاءِ گرانٽ 5 لک روپيا، ميرپورخاص ضلعي جي پريس ڪلب لاءِ 6 لک روپيا، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل لاءِ 2 لک روپيا، انبن جي نمائش لاءِ 1 لک روپيا، گلن جي نمائش لاءِ 50 هزار روپيا، ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جي اولاد لاءِ 4 لک روپيا اسڪالر شپ جي مد ۾ مختض ڪيا ويا آهن، ضلعي ڪائونسل  چيئرمين مير انور علي ٽالپر وڌيڪ چيو ته سال 2024-23 محدود وسيلن جي اندر رهندي مالي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي سڀني ترجيحن کي شامل ڪندي غير ترقياتي خرچ ڪافي حد تائين گهٽايا ويا آهن ته جيئن ان جو اصل فائدو عوام کي پهچي جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي، ضلعي ڪائونسل ميرپورخاص جي سال 2024-23 جي سالانه بجيٽ يڪراءَ سان پڻ منظور ڪئي وئي، بجيٽ اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل مير احمد ٽالپر، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل سيد عمران حيدر شاھ،  محمد آصف لغاري ۽ صحافين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button