بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو آدم ۾ عورت جو با اثر خلاف احتجاج

ٽنڊو آدم (ن م) دوستي ۽ جنسي تعلقات نه رکڻ تان مبينا طور موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. عطاءُ الله پٺاڻ گھر اندر داخل ٿي منھنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ چاھي ٿو، منھنجي نوجوان ڌيءَ ۽ مون کي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لا۽ زور ڀري رھيو آھي، منھنجو پٽ گذريل 15 مھينن کان دربدري واري زندگي گذاري رھيو آھي، مئٽرڪ جا امتحان ڏيڻ ويو ته پٺاڻ زبردستي پاڻ سان گڏ ھلڻ لاءِ  چيو انڪار تي پسٽل ڏيکاري ڏاڍائي ڪئي. اھڙين ڳالھين جو اظھار سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد مري جي رھواسڻ صديقن زال شفيع محمد ملڪ پنھنجي پٽ محمد رفيع ملڪ سان گڏجي عوامي پريس ڪلب ٽنڊو آدم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته اسان انتھائي غريب مسڪين پورھيت آھيون، اسان جي گھرن ۾ کائڻ لا۽ ڪجهھ ناھي، منھنجو مڙس گھرن ۾ پاڻي پھچائڻ وارو پورھيو ڪندو آھي، علائقي جي بااثر سياسي شخص عطاءُ الله پٺاڻ ولد جنان خان پٺاڻ بيگناھ منھنجي پٽ کي زوري زبردستي دوستي رکي پاڻ سن گڏ گھمڻ لاءِ دٻاءُ وجھي رھيو آھي. انڪار ڪرڻ تان مڇرجي گھر اندر داخل ٿي ھٿياربند ماڻھن سان گڏجي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھن چيو ته جنھن جي شڪايت ھن جي گھر وارن کي به ڏني آھي پر ھو چون ٿا ته اسان جي پٽ سان رابطو رکو ھو اوھان کي گھر جو خرچ به ڏيندو انڪار ڪندئو ته اوھان جي ست نسلن تائين به پيڇو نه ڇڏيندو. ھن چيو ته ظلم به اسان سان ٿيو آھي ۽ عطاءُ الله پٺاڻ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري اسان جي مٿان ئي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي صبح شام گھر تي پوليس اھلڪار منھنجي مڙس ۽ منھنجي پٽ کي گرفتار ڪرائڻ لا۽ موڪلي رھيو آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڪور ڪمانڊر سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد، ايس ايس پي سانگھڙ رٽائرڊ ڪيپٽن صدام خاصخيلي، ڊي ايس پي ٽنڊو آدم سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button