بريڪنگ نيوزسنڌ

حُر جماعت جي معزز شخصيت فقير حاجي حسين راڄڙ وفات ڪري ويو

چوٽياريون (ن م) حُر جماعت جي معزز شخصيت فقير حاجي حسين راڄڙ وفات ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز ٽنڊو مٺا خان لڳ سندس ڳوٺ حاجي ساجن راڄڙ ۾ ادا ڪئي وئي. وڏي انگ ۾ حُر جماعت ۽ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي. خبر موجب حُر جماعت جي معزز شخصيت فقير هاشم راڄڙ ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي تعلقي سانگهڙ جي جوائنٽ سيڪريٽري حسن راڄڙ جو ڀاءُ فقير حاجي حسين راڄڙ ربواڻي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنازي نماز سندس ڳوٺ حاجي ساجن راڄڙ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ حُر جماعت جي معززين فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن بعد مرحوم جي تدفين چوٽياريون ويجهو ڳوٺ ڊڀري ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. سندس تڏو ڳوٺ حاجي ساجن راڄڙ ۾ وڇايو ويو آھي جتي سندس پونيئرن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button