بريڪنگ نيوزسنڌ

اين اي 209 تان منهنجا فارم رد ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي: وڏيرو محمد خان جوڻيجو

کپرو (ن م) کپرو، سانگھڙ، ڄام نواز جي تڪ اين اي 209 جي اميدوار ۽ جي ڊي اي اجي مرڪزي ڳواڻ محمد خان جوڻيجو ميڊيا  سان ڳالھائيندي چيو ته اين اي 209 سانگهڙ تان منهنجا فارم رد ڪري مونسان ناانصافي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته نواز شريف ۽ جهانگير ترين به تاحيات نااهل هئا انهن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن ته پوءِ سمجھه کان ڳالھه ٻاهر آهي ته آخر منهنجا فارم ڇو رد ڪيا ويا آهن، هن چيو ته آر او سانگهڙ جي فيصلي خلاف آئون ٽربيوٽل ۾ اپيل داخل ڪندس، هن چيو ته مون جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته پ پ پ وارا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، هن چيو ته پ پ پ وارا اڃا  تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته منهنجي مقابلي ۾ شازيه مري کي ٿا آڻين يا فدا حسين ڏيرو کي، هن چيو ته پ پ پ کي سڄي ضلعي سانگهڙ ۾ عبرتناڪ شڪست ڏينداسون، هن چيو ته ضلعي سانگهڙ جي انتظاميه  جانبدار آهي ۽ پ پ پ جي حمايتي بڻيل آهي پ پ پ وارا اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سوچين به نه، هن چيو ته پ پ پ وارا منهنجي ڀائٽي علاءُ الدين جوڻيجو کي منهنجي سامهون بيهارڻ پيا چاهين پر هو منهنجي سامهون اليڪشن نه وڙهندو، هن چيو ته تاحيات نااهلي خلاف 2 جنوري تي سپريم ڪورٽ ۾ تاريخ رکيل آهي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ مون سان  انصاف ڪندي تاحيات نااهلي ختم ڪري مونکي اليڪشن وڙھڻ جي اجازت ڏيندي ٻي صورت ۾ منهنجو پٽ جنيد جوڻيجو اليڪشن وڙهندو پ پ پ لاءِ ميدان خالي نه ڇڏينداسون، ھن چيو ته اسان کي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن فرمايو آهي ته قانون جو سھارو وٺو محمد خان جوڻيجو چيو ته پ پ وارا اھو دل مان خيال ڪڍي ڇڏين ته اسان ڌانڌلي  ڪري اليڪشن  کٽينداسون، ھن چيو ته کير ۾کنڊ ملائينداسون ته کير وڌيڪ سٺو ٿيندو مطلب ته مون سان حرجماعت گڏ آهي حرجماعت اھا آهي جن مرشدن ڪريمن جي حڪم تي انگريزن سان مقابلا  ڪري انگريزن کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، ھن چيو ته منهنجو والد ڪلاسيڪل  وڏيرو شاھنواز خان جوڻيجو حرجماعت  جو ساٿ ڏنو ھن چيو ته انشاءَ الله اليڪشن وڏي اڪثريت سان کٽينداسون.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button