بريڪنگ نيوزسنڌ

حڪومت اسٽريٽ ڪرائيم، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صورتحال جلد بهتر ٿيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبي ۾امن امان جي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. انهن اپائن ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام ۽ ڪچي واري علائقي ۾ اغوا ۽ ڀنگ جي وارداتون جو خاتمو شامل آھي. هن اهو پڻ اعتراف ڪيو ته سندس گذريل حڪومتي دور ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان بخش نه هئي ۽ نگران حڪومت دوران اها وڌيڪ خراب ٿي پر سندس حڪومت صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءِ ورتا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جتي هو سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پھتو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس گذريل حڪومت دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ موثر اپاءَ ورتا ويا. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آندو ويو ھو ۽ ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن کي روڪڻ لاءِ سنڌو درياهه جي ڪناري تي پوليس چوڪيون لڳايون ويون، جيتوڻيڪ هن اعتراف ڪيو ته امن امان جي صورتحال اطمينان بخش نه هئي، پر اها ايتري خراب نه هئي جيتري جنوري ۽ فيبروري ۾ ڏٺي وئي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت اسٽريٽ ڪرائيم۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي ۽ ھن يقين ڏياريو ته صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. سينيٽ چونڊن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس پارٽي سنڌ اسيمبلي مان 12 اميدوارن کي چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تنھن ڪري سرفراز راڄپر پيپلز پارٽي قيادت جي هدايتن تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن. ان کانسواءِ سيد مراد علي شاهه اڻ سڌي طرح پي ٽي آءِ جو حوالو ڏيندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ سرپرائز جون وڏيون دعوائون ڪرڻ وارا آخرڪار ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته فيصل واوڊا جو پيپلزپارٽي سان ڪو به واسطو ناهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button