بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو آدم ۾ نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ

ٽنڊو آدم ( ن م) ٽنڊي آدم جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بنگلا روڊ ويجھو نئين ٽانڪي وٽان نوجوان جو گولي لڳل لاش ھٿ،   تعلقا اسپتال منتقل، مائٽن پاران قتل جو شڪ، جانچ جاري. رپورٽ موجب ٽنڊي آدم جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بنگلا روڊ جي ويجھو نئين ٽانڪي وٽان  30 سالا  نوجوان نالي اشرف ولد خليل احمد راجپوت جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش ھٿ آيو آهي. اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال کڻائي آئي. جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي لڳي ٿو نوجوان آپگھات ڪيو آهي وڌيڪ جانچ ڪريون پيا. مقتول جي ڀاءُ ارشد راجپوت جوچوڻ آهي ته گذريل رات ھڪ  عورت پوليس سان گڏ آئي جنھن چيو ته پنھنجي ڀاءُ اشرف کي پيش ڪريو نه ته اسين ھن کي قتل ڪرائي ڇڏينداسين اسان کي شڪ آهي ته منھنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. پوليس موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي جانچ ڪريون پيا. ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول  آھن ته نوجوان مبينا طور ڪنھن ڇوڪري سان عشق ھلندڙ ھو ھن جي ناراضگيءَ کان دل برداشتہ ٿي پنھنجي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگھات ڪيو آهي. جڏھن واقعي واري هنڌ تان پسٽل پڻ ھٿ آيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button