بريڪنگ نيوزسنڌ

پ پ هميشه جيان ڪنهن به پارٽي سان اتحاد کان سواءِ عام چونڊن ۾حصو وٺندي:عاجز ڌامراهه

حيدرآباد(چيف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي چونڊ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون، بلاول ڀٽو زرداري اڄ مٺي ۾ جلسي کي خطاب ڪندو،16 نومبر تي ڪي پي ڪي جو دورو ۽ 30 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ يوم تاسيس جو جلسو رٿيل، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ اتحاد کين مبارڪ ھجي. پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ افغانين جي ڏينهه واپسي جي حمايتي آهي.اڄ بلاول ڀٽو زرداري مٺي ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.هن چيو ته پ پ هميشه جيان ڪنهن به پارٽي سان اتحاد کان سواءِ عام چونڊن ۾ حصو وٺندي. پ پ اليڪشن مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آھي جنهن جو پهريون جلسو ميرپورخاص ڊويزن جي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ اڄ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته  16 نومبر کان پ پ قيادت هڪ هفتي جو ڪي پي ڪي جو دورو رٿيو آهي جنهن دوران ڪي پي ڪي جي ڊويزنل هيڊ ڪواٽرن ۾ ورڪرز ڪنوينشن رٿيل آهن. هن چيو ته 30 نومبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس جو وڏو جلسو ڪوئيٽا ۾ رکيو ويو آھي. هن چيو ته ٻڌون ٿا پيا ته پ پ مخالف پارٽيون اتحاد ڪري چونڊن ۾ پ پ جو مقابلو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن. مخالف ڌرين جي اتحاد کي پ پ چونڊن کان اڳ ۾ ئي ڀليڪار ڪري ٿي. ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اتحاد تي کين مبارڪون هجن. هن چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ خلاف اتحاد تيار ٿيندا رهيا آھن پر اهڙا اتحاد پ پ کي ڪجهه به ناهن ڪري سگهيا.8 فيبروري تي پ پ اڪيلي سر عام چونڊن ۾ حصو وٺندي.ان موقعي تي اسماعيل وساڻ سيد غلام مصطفيٰ شاهه نعيم زرداري، عتيق راٺوڙ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button