بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگھڙ۾حرتحريڪ جي دوران مزاحمتي ڪردار ادا ڪندڙمائي زينب وساڻ لاڏاڻو ڪري وئي

سانگھڙ(ڊ ر)حرتحريڪ جي دوران مزاحمتي ڪردار ادا ڪندڙ105ورھين جي مائي زينب وساڻ لاڏاڻو ڪري وئي ، مائي زينب وساڻ شھيد سورھيه بادشاھه جي ٻيون ڀيرو گرفتاري کان پوءِ  جڏھن شھيد سورھيه بادشاھه جي خاندان کي گڙنگ بنگلو تان انگريز ملٽري گرفتاري وقت فوج جي گاڏين جي سامھون بيھي احتجاج ڪرڻ وارين عورتن مان ھڪ ھئي، شھيد سورھيه بادشاھه جي گرفتاري کان پوءِ سندس ٻن فرزندن سيد شاھه مردان شاھه عرف سڪندر شاھه، سيد نادر علي شاھه کي پنھنجي امڙ سميت گڙنگ بنگلي تان گرفتار ڪري ڪراچي نيو ويو ھو، ان وقت حرجماعت جي عورتن گڙنگ بنگلي وٽ مزاحمت ڪئي ھئي، مائي زينب وساڻ انگريزن جي قائم ڪيل لوڙھن ۾ پڻ قيد ڪاٽيا ھئا، جڏھن ته انگريزن جي قھري ڪاررواين گڙنگ بنگلي کي بمباري ڪري اڏائڻ حرجماعت جا ڳوٺ ساڙڻ واري واقعن جي اکين ڏٺي شاھد ھئي، تاريخ جي ان اھم واقعات جي اکين ڏٺي شاھد مائي زينب وساڻ 105 سالن جي ڄمار لاڏاڻو ڪري وئي ، سندس جنازي نماز سندس ابائي ڳوٺ مجنون واڍو ۾ ادا ڪئي وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button