بريڪنگ نيوزسنڌ

پيپلزپارٽي سياست کان ھٽي ھاڻ ڏاڍاين تي لھي آئي آھي: دريا خان خاصخيلي

سانگهڙ (ت ر) پيپلزپارٽي سياست کان ھٽي ڪري ھاڻ ڏاڍائي تي لھي آئي آھي،  اسان کي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا پاران پر امن رھڻ جو درس ڏنل آھي، يونين ڪائونسل مياڻ جو جنرل ڪائونسلر دريا خان خاصخيلي خبر موجب حُر جماعت جي معزز ۽ مسلم ليگ ف اڳواڻ يونين ڪائونسل مياڻ جي جنرل ڪائونسلر مھراڻ اخبار جي عيوضي سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ھاڻ سياست کان ھٽي ڪري مخالف ڌر سان ذاتي انتقام تي لھي آئي آھي، ڏاڍاين جو اھو عالم آھي ته مخالف ڌر جيڪا جھموريت جو حسن آھي ان خلاف ڏاڍاين جو سلسلو شروع ڪيو آھي ھن چيو ته بلدياتي اليڪشن کي هڪ سال گذري ويو آهي ليڪن پيپلزپارٽي جا چونڊيل چيئرمين اسان کي اگنور ڪري رهيا آهن ترقياتي فنڊن لاءِ آيل پيسن تي نانگ ٿي ويٺل آهن يونين ڪائونسل مياڻ ۾ لکين رپيا بجيٽ آئي جيڪا يونين ڪائونسل جو چيئرمين رمضان لغاري اسان کي بنا ٻڌائڻ جي ڪوڙن بلن عيوض هڙپ ڪري ويو آهي اسان به ووٽ حاصل ڪري چونڊجي آيا آهيون عوام اسان کان سوال ٿي ڪري ته اوهان علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڇو نٿا ڪرايو اسان ڇا ڪيون مخالف پارٽي وارا اسان کي هڪ به اسڪيم ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ھن چيو ته جيڪڏھن مخالف ڌر نه ھجي ته پوء جھموريت نه پر آمريت ليکي ويندي آھي، ھن وقت پيپلزپارٽي ڌر بلدياتي نظام ۾ اقتدار جي ڌڻي ٿي طاقت ۾ مخالف ڌر کي ھيسائڻ چاھي ٿي ، اسان پر امن آھيون ، ڇو ته اسان جي مرشد اعلي حضرت پيرسائين پاڳاري جي حڪم جا پابند آھيون ، مرشدن جو حڪم آھي ته پر امن رھجي ، اسان عوام جي وچ ۾ آھيون سڄي سنڌ ۾ حڪمرانن جي لٽ مار جون دانھون آھن ، انشاءالله ھاڻ پيرصاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ متحد ٿي ظالمن حڪمرانن مان سنڌ جي جان آجي ڪرائينداسين،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button