بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي ۾ قتل ٿيل معصوم ڀيڻ ڀاءُ جي قاتل سندن ويڳي ماءُ نڪتي، ڏوهه جو اعتراف

گھوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ۾ چار ڏينھن اڳ قتل ٿيل معصوم ڀيڻ ۽ ڀاءُ سليمان لغاري ۽ ڪلثوم لغاري جي قاتل سندن ويڳي ماءُ حليمان لغاري ئي  نڪتي ، ايس ايڇ او محمد ايوب ڊوگر جي اي ايس آءِ حضور بخش چاچڙ ۽ وڏي منشي ياسر عرفات چاچڙ سان گڏ  پريس ڪانفرنس، ويڳي ماءُ حليمان لغاري ٻارن کي درگاھ نهري  شاھ تي حاضري ڀرڻ جي بھاني سان  وٺي وڃي بوتل ۾ ڪارو پٿر پيئاري ۽ گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي، ايس ايڇ او ايوب ڊوگر گرفتار ٿيل عورت حليمان لغاري پاران به ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي ۽ چيو آهي ته پهريان مون ٻارن کي ڏوڪا کارايا بعد ۾  زھريلو ڪارو پٿر پاڻي  جي بوتل ۾ ملائي کين پاڻي  پيئاريو  ۽  کين چادر سان  گھٽا ڏئي  قتل ڪيو آهي گهٽا ڏيڻ  واري چادر به ھٿ ڪئي آھي، ايس ايڇ او اي سيڪشن محمد ايوب ڊوگر، حليمان لغاري جاچ دوران اعتراف ڪيو آھي ته قربان لغاري سان منهنجي  زبردستي شادي ڪرائي وئي ھئي منهنجي ڀاءُ پاران مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون  جڏهن ته منهنجا  ٻار به ان کي پسند نه ھئا ۽ مون کي وري قربان جا ٻار پسند نه هئا جيڪي مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته مان گهر ۾ اڪيلي رهڻ پسند ڪندي هيم مائي حليمان جو بيان معصوم ٻارن کي قتل ڪندڙ حليمان لغاري واردات ۾ اڪيلي ھئي ڪٿي به ڪنھن ٻئي سھولتڪار جون شاھديون ناھن مليون ايس ايڇ او اي سيڪشن  ايوب ڊوگر ان کان وڌيڪ اڃا به چاچ ڪنداسين ته ڪٿي ڪو ٻيو به ته قتل نه ڪيو هجي هن عورت جڏهن ته ظھير نالي هڪ ڇوڪرو به هن عورت سان گڏ هو جيڪو ٻڌائن ٿا ته ننڍڙو آهي عورت پاران ان کي به منع ڪئي ته ڪنهن کي به نه ٻڌائجا ته پاڻ هي ڪم ڪيو آهي بلڪ ايئن چئجا ته پاڻ سول اسپتال هليا هئاسين عورت کان جڏهن پڇيو ويو ته هن عمل ڪرڻ تي ڪو پڇتاءُ ته جواب ۾ ان چيو ته مون کي ڏاڍو پڇتاءُ آهي وري هن کان سوال ڪيو ويو ته توکان زبردستي ته نه ٿو هي بيان ورتو وڃي ان تي به هن چيو ته نه مون تي ڪو به دٻاءُ يا پريشر نه آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button