بريڪنگ نيوزسنڌ

پ پ سنڌ جي عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اقتدار ۾ اچي عوام جي خدمت ڪنداسين: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

ٺري ميرواھ (رپورٽ: راشد علي راڄڙ) پ پ سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھـي. اقتدار ۾ اچي ٺري ميرواھ جي عوام جي خدمت ڪنداسين. سيد محمد اسماعيل شاھ راشدي جو ٺري ميرواھ جي مختلف يوسيز ۾ اليڪشن ورڪ مھم جي پروگرامن ۾ پارٽي ورڪرن سان ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب تفصيل مـوجب ٺري ميرواھ سٽي ۾ مجيب الرحمان شر ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ ايڊووڪيٽ آفتاب شر سڪندر آباد ٽالپر ننڍا ڳوٺ مانڊڻ ۾ سينگار مانڊڻ سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت سميت ڳوٺ مانڊڻ ۾ فيروز مانڊڻ زمان مانڊڻ جي ڀاءُ سردار ارشد خان مانڊڻ پنھنجي برادري سميت جي ڊي اي  ۾ شموليت ۽ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سيد غلام مرتضيٰ شاھ راشدي سيد زاھد شاھ راشدي مسلم ليگ فنڪشنل ضلعاي خيرپور جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سردار ممتاز جھانگير لاشاري مسلم ليگ فنڪشنل تعلقه صدر امير طارق حسين ڪٻر جنرل سيڪريٽري مھتاب احمد شر فقير ممتاز سومرو پير بخش راڄڙ عبدالمجيد ڀٽي محمد علي شر سميت پارٽي ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button