بريڪنگ نيوزسنڌ

دبئي ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ تي اتفاق جي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي هوندو. مراد علي شاهه ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر سان گڏ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري، هن گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪري 3 ڏينهن جي عرس جي پڄاڻي ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته دبئي ۾ شهباز شريف تي اتفاق جي ڪا ڳالهه نه هئي، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي هوندو. هن چيو ته موجوده حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪنديون، ٻن مهينن ۾ چونڊون ٿينديون، چونڊن ۾ پ پ سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀرندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ئي وزيراعظم بڻجندو. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊر جي تبديلي جو طريقي ڪار موجود آهي، اپوزيشن ليڊر خبر ناهي ڪٿي آهي، جيڪڏهن هن غلط ڪم ڪيو هوندو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اپوزيشن ليڊر کي گرفتاري کان نه ڊڄڻ گهرجي، نگران حڪومت لاءِ اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪندس. وڏي وزير چيو ته ڪابينا فيصلي موجب هڪ مهيني ۾ صوبائي فنانس ڪميشن هڪ مهيني ۾ ٺاهي ويندي، لوڪل گورنمينٽ ۾ ٻٽي پگهار وصول ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پوليس ۽ رينجرز جي قربانين سان صوبي ۾ امن قائم ٿيو آهي، اربن ايريا ۾ اسٽريٽ ڪرائم مسئلو آهي. سندس چوڻ هو ته بجلي ۽ گئس بابت اسان جو هر وفاقي حڪومت سان مسئلو رهيو آهي، گئس ۾ سنڌ کي ان جو حق نه پيو ملي.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button