بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو آدم ويجهو جوابدار گوليون هڻي عورت کي قتل ڪري فرار

ٽنڊو آدم ( ن م) ڄام نواز علي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ مجيداڻو ۾ جوابدار لطف علي مجيداڻو پسٽل سان فائر ڪري پنهنجي ماروٽ مسمات ضميران زال محمد پٺاڻ مجيداڻو کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ٽنڊو آدم کڻائي آئي. جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول عورت جي ڀاءُ طيب مجيداڻو صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار لطف علي نشي جو عادي موالي آهي. جنهن منهنجي ڀيڻ کي بي گناهه قتل ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي. واضح رهي ته مقتولا ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. ٻي پاسي ايس ايڇ او ڄام نواز علي محمد صديق ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قتل جو ڪارڻ گهريلو تڪرار لڳي رهيو آهي وڌيڪ جانچ ڪريون پيا جوابدار فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولها جاري آهي وڌيڪ مقتول عورت جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس جوابدار جي ڀاءُ نور علي مجيداڻو کي حراست ۾ ورتو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button