بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌي ٻولي جي منفرد شاعر معصوم سانگهڙائي جي 21 هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي

جھول( ن م )سنڌي ادبي سنگت جھول پاران سنڌي ٻولي جي خوبصورت ۽ سنڌي غزل منفرد  شاعر اديب دانشور قومي ڪارڪن سنڌي ادبي سنگت جھول جي اڳوڻي سيڪريٽري سياسي سماجي شخصيت عبدالقادر مھر المعروف معصوم سانگھڙائي جي21 ورسي  انتھائي عقيدت احترام ۽ سادگي سان ملھائي وئي. انھي موقعي گڙنگ  روڊ معصوم سانگھڙائي وارن جي آبائي قبرستان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول، خاندان ۽ معصوم سانگھڙائي جي دوستن جي وڏي تعداد معصوم سانگھڙائي جي مزار تي چادرون چاڙهي گلن  جي ورکا ڪئي. انھي موقعي تي قرآن خواني ڪري دعا گھري ننگر تقسيم ڪيو ويو. انھي  موقعي تي مرحوم جي وڏي پٽ فقير صابر حسين مھر چيو تہه سائين جي وطن دوستي جا  سبق کين ياد آھن برسات جي موسم ڪري پروگرام  مختصر ڪيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جھول جي سيڪريٽري يعقوب بروھي چيو تہ سائين سندن استاد رھيو آھي جلد تمام ورسي جو پروگرام وڏي پئماني تي ڪيو ويندو ، جڏھن تہه سيد مقيم شاھ شيرازي چيو تہ معصوم سانگھڙائي ھن جو ننڍپڻ جو دوست ۽ بھترين شاعر ليکڪ وڏي ڄاڻ رکندڙ شخصيت ھو ، ماڻڪ سنڌي چيو تہه معصوم سانگھڙائي سرڪاري آفيسر ھوندي ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌي ادبي سنگت جھول پاران نڪتل ريلي ۾ جھول کان سانگھڙ تائين پيادل مارچ ڪري ڪالاباغ ڊيم خلاف تقرير ڪئي، رزاق عمراڻي چيو تہه سائين معصوم سانگھڙائي سندن استاد آھي زندگي ڪيئن گذارجي سائين کان سکيا آھن، اردو جي بھترين شاعر معصوم سانگھڙائي جي ننڍي ڀاءُ غلام مصطفيٰ مھر چيو تہ ھن کي شاعريءَ طرف راغب ڪندڙ ۽ اتساھ ڏياريندڙ معصوم سانگھڙائي ھو ، امير حمزه بروهي چيو تہ ھو ٻھراڙي جو ٻروچڪو ٻار ھو کيس اسڪول جي علم سان گڏ ادب جو علم سائين معصوم سانگھڙائي ڏنو، معصوم سانگھڙائي جي ننڍي پٽ منصور مھر چيو تہ ھو تمام ننڍو ھو جو والد  گذاري ويو سندس پالنا بھترين ٿي آھي سندن لاءِ اھو وڏو اعزاز آهي جو بابا جي ڪري کين ھر ھنڌ عزت ملي ٿي ، ڊاڪٽر ذيشان عباس لسڪاڻي چيو تہ سائين معصوم سانگھڙائي جا سندن گھراڻي مٿان وڏا احسان آهن جن کي ھو حياتي تائين وساري نہ ٿا سگھن زين ملوڪاڻي چيو تہ معصوم سانگھڙائي جيڏو وڏو شاعر ھو اوتروئي وڏو ماڻھو  ھو ، وڏي توڙي ننڍڙي ٻار سان اٿي بيھي ملندو ھو وٽس انسانذات جي لاءِ  وڏي عزت ھئي ورسي پروگرام کي غلام عباس لسڪاڻي وقار خاصخيلي قادر مھر ۽ ٻين خطاب ڪيو .1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button