بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻو ۾ جي ڊي اي جي گريڊ 1 کان 4 تائين نوڪريون وڪرو ڪرڻ خلاف ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي پاران جي ڊي اي ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان چار جون نوڪريون مبينا طور پئسن عيوض وڪرو ڪري ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر نه ڏيڻ خلاف شهر جي وليد محلا ڪوٽ داراب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي ڌرڻو هڻي هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ، بئريسٽر ڪاظم علي عباسي، مطيع علي عباسي، علي حسن ڏاهاڻي، مير منظور علي مگسي، نظر محمد مگسي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي معظم علي عباسي چيو ته پيپلز پارٽي وارن سالن کان وٺي مختلف سرڪاري کاتن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيندڙ نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي آفر آرڊر ڏيڻ بجاءِ پئسن عيوض اهي آرڊر وڪرو ڪيا جنهن ڪري غريب نوجوانن کي نوڪريون نه مليون ۽ اڄ به اهي نوجوان پريشاني ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن ميرٽ کي نظرانداز ڪري گريڊ هڪ کان چار جون نوڪريون سياسي وابستگي ۽ سفارش تي ڏنيون جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ٿا ڪيون. هنن چيو ته پيپلز پارٽي وارا نوڪرين واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آيل فيصلي کان پوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ان معاملي ۾ ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪري رهيا آهن جيڪڏهن پيپلز پارٽي وارن کي نوڪريون ڏيڻيون هيون ته هو پنج سال ڪٿي هئا جن ميرٽ جون ڌڄيون اڏائي اڄ آفر آرڊر جي آڙ ۾ سياست ڪري رهيا آهن. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته گريڊ هڪ کان چار جي نوڪرين ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر ڏئي جن کان نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ عيوض پئسا ورتا ويا آهن انهن کي پئسا واپس ڏياري انهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button