بريڪنگ نيوزسنڌ

شڪارپور روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 5 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

نوشھرفيروز (ڊ ر) شڪارپور روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 5 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.   4 جنازا کڻڻ وقت ماحول سوڳوار رهيو ۽ ھر اک ڳوڙھا ڳاڙيندي رهي ۔ رپورٽ موجب گذريل رات شڪارپور جي جنو بائي پاس وٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي جنازي نماز نوشهروفيروز جي پبلڪ پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي. جڏهن ته هڪ شخص جي محبت ديرو جتوئي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته چئن ڄڻن خليفا شڪيل احمد ميمڻ ڳهڻو خان تڳر۔ جوجي سومرو۔ يوٿ ونگ جي صدر نادر علي چانڊيو جي جنازي نماز پبلڪ پارڪ نوشھروفيروز ۾ ادا ڪئي وئي۔ جنازي نماز ۾  پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ميمبر سنڌ اسيمبلي ممتاز چانڊيو، سيد حسن علي شاهه، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي، سنڌ جي وڏي وزير جو اڳوڻو صلاحڪار مولا بخش مبيجو۔ علي شير ڀرٽ۔ محمد عثمان عالماڻي سميت مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي.  واضح رهي ته فوت ٿيندڙ سڀئي جيالا گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي جلسي ۾ شرڪت ڪري واپس پنهنجي گهر نوشهروفيروز اچي رهيا هئا ته شڪارپور ويجهو حادثو پيش آيو ۽ هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. جڏهن ته حادثي جو اطلاع ملڻ تي فوتين جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button