بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۽ ڀرپاسي بدامني کي ٻنجو نه آيو، وارداتون معمول، پوليس ننڊ

دادو (رپورٽ: علي گل چنا) دادو ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا ۽ سماجي برايون  رڪجي نه سگهيا ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار ۽ دادو پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي 24 ڪلاڪن اندر 4 ڦر جون وارداتون گذريل رات جنيد بوڪ اسٽور جي مالڪ عمران ڪلھوڙو کان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مرکپور محلي مان هٿياربندن تشدد ڪري نيو ھنڊا سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،ٻئي طرف تاج پئٽرول پمپ ڀرسان مخدوم بلاول جي رھواسي سلام پنھور کان اڻڄاتل ھٿياربند ون ٽو فائي موٽر سائيڪل سوار ڦورن ھٿيارن جي زور تي قيمتي موبائيل فون ۽ 7 ھزار روڪ ڦري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن مخدوم بلاول پوليس جي حد ۾ لال قلندر رح جي ميلي مان واپس ايندڙ  پنجاب لاھور واسين علي حيدر بلوچ، زمان ملڪ، وقاص گجر کان ھٿيارن جي زور تي ڦورن روڪ رقم 47 ھزار ۽ قيمتي موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڳوٺ ھيتم جتوئي جي رھواسي موٽر سائيڪل سوار حميد جتوئي کان ڦورو سي ڊي موٽر سائيڪل ڦري ويا علائقي واسين ٻڌايو ته علائقي۾  ڦورن رڻ ٻاري ڇڏيو آهي ھڪ رات ۾ ڦر جون چار  وارداتون ٿيون پر پوليس ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي آهي، جڏهن ته ٿاڻو مخدوم بلاول تي ايس ايڇ او ھڪ اي ايس آئي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي،  ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار کي نوٽيس وٺڻ گھرجي. دادو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي ڊي اڳواڻن پاران ايس ايس پي دادو کي 10 مارچ تائين الٽيميٽم امن بحال نه ٿيو ته ايس ايس پي موڙ تي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان خبر موجب دادو جي ڊي اي اڳواڻن سردار عاشق زنئور، سردار فاروق احمد ملڪ  پاران 10 مارچ تي دادو ضلعي جي اندر وڌندڙ بدامني جي خلاف ايس ايس پي موڙ ۽ گيٽ تي شاميانا هنڻي احتجاجي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي جي ڊي اڳواڻن عاشق زنئور فاروق احمد ملڪ چيو ته هڪ هفتي اندر 100 کان وڌيڪ چوري ڦر جون وارداتون پيش آيون آھن شهرين کان ڦر دوران مزاحمت تي ھٿياربند کين زخمي ڪن ٿا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿي ڪري اسان ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار کي 10 مارچ تائين مهلت ڏيون ٿا ته مهرباني ڪري دادو ۾ امن امان ڪرايو ٻي صورت ۾ دادو مان بدلي ڪرائي وڃو نه ته احتجاجن جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button